سنت ڌيانداس

سنت ڌيانداس: سنت ڌيانداس ولد ڌرمداس هالاڻي جي ڀرسان بهلاڻي ڳوٺ ۾ اوڻيهين صديءَ ۾ جنم ورتو. . سندس جنم جو نالو پورڻداس هو. پورڻداس اڃا جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ هو ته ماءُ پيءُ باس باسي هئي ته جيڪڏهن پٽ ڄائو ته اهو هالاڻي درٻار صاحب ۾ ڏينداسين. ان ڪري پورڻداس جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو ته مائٽ کيس درٻار تي ڇڏي آيا. پورڻداس ڏاڍي سچائي سان درٻار جي خدمت ڪئي، جڏهن اتي جي گادي نشين گرداس صاحب وفات ڪئي ته پورڻداس کي هالاڻي درٻار جو گادي نشين بڻايو ويو. بيکه ڀڳوان سندس نالو سنت ڌيانداس رکيو. ڌيانداس سنگ سان پوڄا پاٺ ڪندو هو، هن کي گرو گرنٿ جي ڪافي ٻاڻي ياد هئي. سنت ڌيانداس 1908ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سنت ڌيانداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو